رحمت الله سيد

رحمت الله، سيد: مشهور عالم سيد رحمت الله، ٺٽي جي ’شڪر الاهي‘ ساداتن مان هو. ’تحفة الڪرام‘ موجب سيد فضل الله ٻه پٽ ڇڏيا. سيد رحمت الله عرف سيد مهتو ۽ سيد ابوالحسن، سيد رحمت الله وقت جو وڏو متقي ۽ ولي هو. جڏهن روحاني علم سيد ڪمال جي صحبت ۾ حاصل ڪيو. نقشبندي سلسلي جي نسبت سان ممتاز حيثيت جو مالڪ هو. هو مريدن جي هڪ جماعت ڇڏي ويو، جيڪي ڪتاب ’تحفة الڪرام‘ جي لکجڻ (1181هه/1767ع) کان اڄ تائين (1181هه/1767ع) هر مهيني جي پنجين تاريخ سندس وفات جي ڏينهن مزار تي ختمو ۽ خير خيرات ڪندا آهن. کيس هڪ پٽ سيد محمد صادق ٿيو، جيڪو وڏيءَ عمر ۾ بنا اولاد جي لاڏاڻو ڪري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو